سورة يــٰس

سورة يــٰس

سورة يٰس

سورة يــٰس (ڪتاب): هي ڪتاب پروفيسر ڪرار حسين جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو نامور اديب، محقق ۽ شاعر مرزا عباس علي بيگ ڪيو آهي. هي ڪتاب قرآن مجيد جي 36هين ’سورة يــٰس‘ جي ترجمي ۽ تفصيلي تفسير تي مشتمل آهي. سورة يــٰس مڪي سورت آهي، جنهن ۾ پنج رڪوع ۽ ٽياسي آيتون آهن.
ڪتاب ۾ پيش لفظ کانپوءِ ڇهه باب آهن، جن مان باب پهرئين ’سورة يــٰس جي مضمونن جو تعارف‘، باب ٻئي ۾ ’پهرئين رڪوع‘، باب ٽئين ۾ ’ٻئي رڪوع‘، باب چوٿين ۾ ’ٽئين رڪوع‘، باب پنجين ۾ ’چوٿين رڪوع‘ ۽ باب ڇهين ۾ ’پنجين رڪوع‘ بابت تفصيل آهي. هن تفسير کي لکندي ڪيترن معتبر تفسيرن مان فائدو ورتو ويو آهي.“
هن ڪتاب ۾ سورة يــٰس جي هر آيت جو الڳ الڳ ترجمو ڏئي، پوءِ تفسير ڏنو ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي چار رنگي ٽائيٽل سان 248 صفحن تي مشتمل هي سورة يــٰس جو تفسير، اسلامڪ اسٽڊي سينٽر ڪراچيءَ، 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو